جلد سازي

جلد سازي: ڪتابن تي پوش چاڙهڻ جو هنر. هن هنر جي شروعات اوڀر جي دنيا کان ان وقت ٿي، جڏهن چمڙي جي ورقن جي حفاظت لاءِ گتي جا جلد استعمال ۾ اچڻ لڳا. يورپ ۾ ڇپائيءَ جي ۽ ڇپيل پنن کي موڙي سبڻ جو رواج عام ٿيڻ کان پوءِ جلد سازيءَ ۾ به ترقي ٿي، پوءِ هٿرادو جلد سازيءَ جي جاءِ مشينن اچي والاري. جلد سازي جي ڪيترن ئي پراڻن طريقن مان اڄ به ڪافي رائج آهن. جلدبنديءَ جا هيٺيان طريقا عام آهن.

سلائيءَ وارو طريقو: هن طريقي ۾ سڀني پنن کي سلائي ڪري مٿان جُلدسازي ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته مشيني جلدبازيءَ ۾ جلد الڳ تيار ڪري ڪتاب تي لڳايو ويندو آهي.

جُز بندي وارو طريقو: هن طريقي مطابق ڪتاب جي ٿورن ٿورن صفحن کي ملائي، هڪڙي ئي ڌاڳي سان سلائي ڪئي ويندي آهي. هن طريقي سان جلد ٿيل ڪتاب جي ورقن کي سولائيءَ سان ورائي سگهبو آهي.

جُلد بازيءَ ۾ جيڪي نوان طريقا وجود ۾ آيا آهن، انهن ۾ هڪ ڪامل جلد بازي (Perfect Binding) آهي، جنهن ۾ ڪتاب جي ورقن کي خاص قسم جي کئونر سان چنبڙائي ڇڏبو آهي، ان ۾ سلائي به نه ٿيندي آهي. ڪن صورتن ۾ سوراخ ڪري انهن ۾ تارون استعمال ڪيون وڃن ٿيون.



لفظ جلد سازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو